دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي پهچي ويو، تاجڪستان جي وز??راعظم قاهر رسول زاده وز??راعظم عمران خان جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، اطلاعات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، بحري معاملن وارو وفاقي وز??ر سيد علي حيدر زيدي، وز??راعظم جو واپار وارو صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ نيشنل سيڪيورٽي وارو ايڊوائيزر ڊاڪٽر معيد يوسف به وز??راعظم سان گڏ آهن، وز??راعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربر??هي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وز??راعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف سان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو، وز??راعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وز??راعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربر??هي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪندو. دوري دوران وز??راعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وز??راعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وز??راعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ آهي.