اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو آهي ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعب?? جي بهتري ??اءِ قدم کنيا آهن، ماضي ۾ زرعي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين اسڪيم آهي، وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعار?? جي ذريعي وڏي رقم جي بچت ڪئي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ملڪ جي 65 کان 70 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، اڳوڻين حڪومتن زرعي شعبي ۽ سڌارن تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري ??ن سالن ۾ آبادگارن کي هر فصل ۾ منافع آهي، هاڻي 90 سيڪڙو آبادگار بنا وياج قرض حاصل ڪري سگهندا، ٽريڪٽر ۽ ٻين زرعي اوزارن تي به بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، آبادگارن کي انهن جي فصل جي بهتر معاوضي ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي اسٽوريج جو تصور پيش ڪيو ويو آهي، بجيٽ ?? 12 ا??ب روپيا زرعي ضرورتن لاءِ رکيا ويا آهن، هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن ۾ 300 ا??ب روپين جي سيڙپڪاري ??يندي ۽ 20 لک روپيا قرض 3 کان 5 سيڪڙو جي شرح تي حاصل ڪري سگهجي ٿو، ٽي لک روپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي.