اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته صحت ڪارڊ سميت پي ٽي آءِ جي هر منصوبي جي آغاز تي (ن) ليگي ت??جم??نن جي دعوائن کي ڏسي اهو ممڪن آهي ته اهي سڀاڻي ان طرح جي دعويٰ به شروع ڪندا ته بلب جي ايجاد به ٿامس ايڊيسن نه پر نواز شريف جاتي عمرا ۾ ڏيئي جي روشني ۾ ويهي ڪئي هئي جنهن جي ڪري سندس پليٽيليٽس به گهٽجي ويا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته سينيما ۾ ??هر??ون پروجيڪٽيڊ فلم جو سهرو به شهباز شريف جي سر آهي، جنهن ”چيلهه ۾ تڪليف“ جي باوجود اهو تاريخي ڪارنامو ڪري ڏيکاريو. شريف ڀائرن جنهن ”شرافت“ سان ملڪي خزاني تي هٿ صاف ڪيا، ادارن کي درٻاري بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي، پارليامينٽ کي ??غل??ه رنگ ڏنو، انهن سان اهو ئي ڪجهه منسوب ٿي سگهي ٿو