پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت جا وسيلا محدود آهن ۽ حڪومتي آمدني جو اڌ حصو قرضن جي ادائيگي ۾ هليو ويندو آهي جنهن جي ڪري حڪومت لاءِ سڄي ملڪ جي هر علائقي ۾ جديد اسپتا??ن جو قيام سرڪاري فنڊز مان ممڪن نه آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن هڪ طرف پرائيويٽ اسپتا??ن جي قيام جي حوص??ا افزائي ڪئي وڃي ۽ ٻي طرف صحت سهولت ڪارڊ جهڙين اسڪيمن تحت عوام کي سرڪاري خ??چ تي نجي اسپتالن ۾ علاج جي جديد سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته اهو ملڪ جي عوام جي مفاد ۾ آهي. هو پشاور انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي (پي آءِ سي) جي افتتاح کانپوءِ خيا??ن جو اظهار ڪري رهيو هو.