اسلام آباد -29 نومبر (اي پي پي) مواصلات ۽ پوسٽل سروسز جي وفاقي و??ير مراد سعيد چيو آهي ته پي ڊي ايم جا جلسا ناڪام ٿي چڪا آهن. پشاور جلسي ۽ گلگت بلتستان ۾ ناڪامي جي ڪري اپوزيشن وائڙپ جو شڪار آهي، سموري قوم ڄاڻي ٿي ته مخالف مل??ي مفاد ۾ ڪجهه به نه ڪيو آهي. اڳوڻن حڪمرانن مل?? ۾ هڪ به اهڙو اسپتال نه ٺهرايو جتي هو پنهنجو علاج ڪرائي سگهن. اسان کي حڪومت مل??ي ته معيشت آ??ِ سي يو ۾ هئي. وزيراعظم عمران خان جي بهترين حڪمت عملي سبب ڪورونا جي پ??ري?? لهر تي اثرائتي نموني ضابطو آندو ويو. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مراد سعيد چيو ته عمران خان کي مزدور ۽ ڏهاڙيدار طبقي جو فڪر آهي. انهيءَ لاءِ هن سمارٽ لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو. احساس پروگرام وسيلي هڪ ڪروڙ 60 لک خاندانن کي 12 هزار رپيا امداد ڏني و??ي.