اسلام آباد – 12 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، ڇنڇر ڏينهن اين سي او سي ??ان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 584 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 3 مريض سڄي ملڪ ??ي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعداد 6 هزار 46 آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 28 هزار 724 ڪورونا جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن ??ان سنڌ ۾ 11 هزار 42، پنجاب ۾ 10 هزار 211، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 210، اسلام آباد 2 هزار 622، بلوچستان 895، گلگت بلتسان ۾ 397 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 237 ٽيسٽ ڪيا ويا، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ??ان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 88 هزار 536 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مريض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ??اءِ مختص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 90 ڪورونا جا مريض آهن، هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ??ريضن جو مجموعي تعداد 3 لک 955 آهي جنهن ??ان آزاد ڪشمير ۾ 2 هزار 389، بلوچستان 13 هزار 401، گلگت بلتستان ۾ 3 هزار 164، اسلام آباد ۾ 15 هز??ر 862، خيبرپختونخوا ۾ 36 هز??ر 862، پنجاب ۾ 97 هزار 602، سنڌ ۾ هڪ لک 31 هزار 675 مريض آهن.