اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، تعميرات ۽ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس هتي منعقد ٿيو، اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، سي ڊي اي چيئرمين وزيرا??ظم کي وفاقي گادي واري شهر ۾ تعميرات جي شعبي ۾ ڏنل مراعتن، ڪمرشل، رهائشي تعميرات جي حوالي سان ه??ست??ئين ڏنل ??نظ??رين، ويجهي مستقبل ۾ شروع ٿيندڙ م??صو??ن، پارڪ انڪليو ٿري م??صو??ي ۽ بليو ايريا ۾ ڪمرشل پلاٽس جي نيلامي ۾ اڳڀرائي ۽ سي ڊي اي جي مڪمل آٽوميشن تي بريفنگ ڏني.