اسلام آباد – 17 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ مسلسل گهٽتائي اچي رهي آهي، عيدالاضحيٰ جي موقعي تي عوام کي ڪورونا کان بچاءُ جي لاءِ ضابطه ڪار تي سختي سان عمل ڪرڻ جي ضرورت آهي ايس او ??يز تي عملدرآمد جاري رکيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عيدالاضحيٰ سادگي سان ملهائي وڃي، ائين نه ٿئي جو جهڙي طرح گذريل عيد ۾ ايس او ??يز کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ اسان جا اسپتال ڪورونا مريضن سان ڀرجي ويا، هن حڪومت طرفان طئي ڪيل ايس او ??يز تي سختي سان عملدرآمد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پاڪستان خوش قسمتي سان انهن ملڪن ۾ شامل آهي جتي ڪورونا جي مريضن جي موت جي شر?? ۾ گهٽتائي آئي آهي، انتهائي نگ??دا??ت ۽ وينٽي ليٽرز تي به مريضن جي تعداد ۾ گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته بدقسمتي سان اسان جي پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ اها شر?? تم??م گهڻي آهي.