اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??وا?? چيو آهي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري لاڪ ڊائون کان متاثر ماڻهن جي لاءِ رليف ڏيڻ اسان جي اول??ن ترجيح ۽ ذميواري آهي، ذخيره اندوزن جي خلاف آڊيننس عوام کي مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي کان بچائڻ جي لاء?? وزيراعظم عمران خان جي عزم جو واضح اظهار آهي، عوام جي مش??لاتن مان فائدو کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق ا??وا?? چيو ته اهڙن عنصرن سان سختي سان منهن ڏنو ويندو، ذخيره اندوزي سان ناجائز منافعو ڪمائيندڙن ??ي آرڊيننس تحت سزا ڏني ويندي.