اسلام آباد – 06 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراع??م عمران خان چيو آهي ته ميرٽ جي فروغ لا??ِ نظام ۽ ادارن کي مضبوط ڪندڙ ملڪ ۽ معاشرا سدائين ترقي ڪن ٿا، نئين پاڪستان ۾ نئين سوچ سان ميرٽ کي فروغ، آن لا??ن سسٽم تحت قرضن جي فراهمي، ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ، ننڍن ۽ وچين صنعت کي وڌ کان وڌ آسانيون ڏيڻ موجوده حڪوم?? جي اولين ترجيح آهي، ڪامياب جوان پروگرام 100 سيڪڙو نوجوانن جي لا??ِ آهي، ان جو فائدو ننڍي ۽ وچين درجي جي صنعتن کي به ٿيندو، سياحت واحد ذريعو آهي جيڪا مٽاسٽا جو ناڻو تيزي سان پاڪستان آڻي سگهي ٿي. هو ڪامياب جوان پروگرام تحت بيروزگار نوجوانن کي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.