اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان نيو اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اي ايس ??يف اهلڪارن پاران مسافرن سان بداخلاقي جي واقعي جو نوٽيس وٺ??دي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب وزيراعظم رياض کان پشاور فلائيٽ واقعي جي عبوري رپورٽ ملڻ تي هوابازي ڊويزن کي لاڳاپيل آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي ۽ ايئرپورٽ مئنيجر طاهر س??ندر، ڊيوٽي ٽرمينل مئنيجر ظهير ۽ ملڪ اڪرم کي فوري طور تي معطل ڪرڻ سميت صورتحال کي پيشيواراڻي انداز ۾ منهن ڏيڻ ۾ ناڪامي تي ڄاڻايل آفيسرن خلاف ضابطي جي ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي.