اسلام آباد – 11 – آگسٽ (اي پي پي) هائير ايجوڪيشن ڪميشن پاران پاڪستان جي ڊائمنڊ جوبلي جي تقريبن جي سلسلي ۾ يونيورسٽي مضمون نويسي جي مقابلن جو اهتمام ڪيو ويو آهي. اهي مقابلا پلاننگ ڪميشن واري وزارت جي تعاون سان ڪرايا پيا وڃن. ايڇ اي سي عملدارن ٻڌايو ته ان سلسلي ۾ سڀني يونيورسٽين کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، مضمون نويسي جا اهي مقابلا اردو ۽ انگريزي زبان ۾ ٿين??ا جنهن جي لاءِ عنوان پاڪستان جي ترقي جو سفر (1947ع کان 2022ع) تائين ت??قي پذير ملڪن جو تقابلي جائزو ۽ 2047ع جو پاڪستان نئين نسل جي امنگ رکيو ويو آهي. مقابلي جي لاءِ پهريو?? انعام 5 لک رپيا، ٻيو 3 لک رپيا، ٽيون 2 لک رپيا ۽ چوٿو?? انعام هڪ لک رپيا رکيو ويو آهي. مضمون 2500 کان 3000 هزار لفظن ت??ئي?? آسان زبان ۾ هجڻ گهرجي.