فيصل آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان فيصل آباد جي بازارن، مارڪيٽن، روڊن، واپاري عمارتن، گهٽين، سرڪاري ۽ نيم سرڪاري عمارتن کي خوبصورتي سان سجائڻ جو عمل شروع ڪيو و??و آهي، جنهن ۾ فيصل آباد جي واپاري برادري ۽ نوجوان وڌي چڙهي حصو و??ي رهيا آهن. جڏهن ته ضلعي انتظاميا پاران چيو و??و آهي ته ان عظيم آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي واپاري برادري جي شاندار روايتون ڪنهن به صورت ۾ نظرانداز نه ٿيون ڪري سگ??جن. ٻئ?? طرف واپاري نمائندن اي پي پي کي آزادي ڏهاڙي جي پروگرامن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته گهنٽا گهر چوڪ جي 8 بازارن سميت ٻين بازارن، مارڪيٽن، سبزي منڊين ۽ ٻين ڪاروباري مرڪزن کي قومي جهنڊن ۽ ٻين خوبصورت شين سان سينگاريو پيو وڃي. هنن ٻڌايو ته ايندڙ چئن ڏينهن دوران مختلف وقتن ۾ آزادي جا ڪيڪ ڪاٽڻ جون تقريبون به منعقد ڪيو?? وينديون. جڏهن ته سرڪاري سطح تي ٿيندڙ تقريبن ۾ ڀ??پور شرڪت ڪئي ويندي.