اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چي?? آهي ته اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين ۽ دور انديشي نه هُجڻ جي ڪري تمام وڏا معاشي چئلينج درپيش آهن، معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ دليراڻن فيصلن کان پاسو نه ڪنداسين، ڏينهن رات محنت سان قوم کي معا??ي مشڪلاتن مان ڪڍنداسين، انشاءَ الله سٺو وقت به ايندو. ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي وزيراعظم چي?? ته قوم بدقسمتي سان اڳوڻي حڪومت جي بدترين معاشي پاليسين، بي انتها ناقص ڪارڪردگي ۽ ڪم عقلي جو نتيجو ڀوڳي ر??ي آهي. هي اسان جي لاءِ تمام وڏو معاشي چئلينج آهي جيڪو اسان کي ورثي ۾ مليو آهي. وزيراعظم چي?? ته اڳوڻي حڪومت ويندي ويندي پيٽروليم جون قيمتون جيڪي پوري ??ني?? ۾ آسمان سان ڳالهيون ڪري ر??يون آهن، گهٽ ڪري ايندڙ حڪومت جي لاءِ ڄار وڇايو. اهو ب??ني??ي تي ٻڌل قدم هو. جيڪڏهن اڳوڻن حڪمرانن کي عوام جو ايترو ئي درد هجي ها ته 3 سالن ۾ ڪو سٺو مثال قائم ڪن ها ۽ عوام جي حقيقي ڀلائي جي لاءِ ڪجهه ڪن ها. عالمي سطح تي ڳنڀير صورتحال درپيش آهي ۽ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون وڌي ر??يون آهن، اسان کي به مجبوري ۾ قيمتون وڌائڻيون پيون پر ان سان گڏ اسان 7 ڪروڙ غريب ماڻهن جي لاءِ ريليف جو به اعلان ڪيو ۽ بي آءِ ايس پي جي ذريعي 2000 رپيا ماهوار ملڪ جي ڪروڙين غريب ماڻهن کي ڏنا پيا وڃن. وزيراعظم چي?? ته اهو فيصلو بجيٽ ۾ عريب طبقي تي بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ ڪيو ويو. سرندي وارن طبقن تي ٽيڪس هنيو ويو ته جيئن عام ماڻهو کي اهو احساس ٿئي ته انهن جي حڪومت انهن جو بار ونڊڻ جي لاءِ قدم کڻي ر??ي آهي. وزيراعظم چي?? ته آئون اميد ڪريان ٿو ته ملڪ جو امير طبقو وڌيڪ ٽيڪس ڏئي حڪومت جو ساٿ ڏيندو. اهڙي طرح حڪومت وڌيڪ ٽيڪس گڏ ڪري غريبن تي خرچ ڪري سگهندي. هن چي?? ته مشڪل حالتن ۾ جيڪا ذميواري اسان کي ملي آهي ان کي ن??ائ??نداسين. اسان دليراڻا فيصلا ڪيا آهن وڌيڪ به ڪرڻا پوندا ته ڪنداسين ۽ معيشت کي سنڀالڻ جي لاءِ ڪو به ضروري قدم کڻڻ کان نه ڪيٻائينداسين. وزيراعظم چي?? ته مشڪل فيصلن کانپوءِ سٺو وقت به ايندو. مشڪل فيصلا اسان جي مجبوري آهي. اسان محنت سان ڪم ڪنداسين ۽ نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. وزيراعظم چي?? ته اڳوڻي حڪومت آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪيو پاڻ ئي ان جون ڌڄيون اڏايون. معاهدي جي پاسداري نه ڪرڻ جي ڪري اڄ معا??ي مشڪلاتون درپيش آهن. اسان ڏينهن رات محنت جي ذريعي قوم کي ان مشڪل وقت مان ڪڍنداسين.