اسلام آباد – 04 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي حڪومت موبائيل فون صارفين جي تحفظ لاءِ ??ڏو قدم کڻندي صارفين کي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي ا??از?? ڏيڻ لاءِ ??اليسي ٺاهڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. پي ٽي آءِ صارفين جي ڊيٽا جي رازداري جي قانونن جو ف??ري جائزو وٺندي جڏهن ته وزيراعظم چيو ته صارفين جي پرائيويسي ش??ري?? جو بنيادي آئيني حق آهي، حڪومت ان جي خلاف ورزي جي ا??از?? نه ڏيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي اسٽريٽجڪ ريفارمز واري صلاحڪار سلمان صوفي پي ٽي اي چيئرمين کان موبائيل فون صارفين جي ڊيٽا جي تحفظ ۽ مارڪيٽرز پاران موڪليل اڻوڻندڙ ميسيجن جي حوالي سان مشاورت ڪئي جنهن ۾ ش??ري?? کي ناپسنديده ايس ايم ايس بلاڪ ڪرڻ جي ا??از?? ڏيڻ جي ف??ري پاليسي ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو ويو، خصوصي معاون وزيراعظم جي پي ٽي اي جي صارفين کي موڪيل مارڪيٽرز جي اڻوڻندڙ ايس ايم ايس سان گڏوگڏ ش??ري?? جي رازداري جي قانونن جي ف??ري جائزي جي هدايتن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته ش??ري?? جي پرائيويسي هڪ آئيني حق آهي ۽ وزيراعظم ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ چاهي ٿو ته انهن جي خلاف ورزي نه ٿئي. پي ٽي اي چيئرمين وزيراعظم اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ کي ان سلسلي ۾ ٿيندڙ قدمن تي جلد بريف ڪندو، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل قدمن ۾ صارف بنا ا??از?? جي ملندڙ ميسيج موڪليندڙ ڪمپني کي رپورٽ ڪري سگهجندو شامل آهي، وڌيڪ صارف کي اهو حق حاصل هوندو ته هو ڪنهن به ميسيج موڪليندڙ ڪمپني کي ميسيج موڪلڻ کان منع ڪري سگهندو، جنهن تي عملدرآمد ڪمپني تي لازمي هوندو، ان کانسواءِ ڪمپني صارف جي ڊيٽا ان جي مرضي کانسواءِ ڪنهن ٻي ڪمپني کي نه ڏيڻ جي پابند هوندي.