اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڏينهن ??ات محنت ڪري پاڪستان کي خوشحال بڻائينداسين، پيٽروليم مصنوعات جي ??يمتن ۾ اضافي جو فيصلو دل تي پٿر رکي ڪيو آهي پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ ماڻهن جي ??اءِ 28 ارب رپين جي سبسڊي جو پڻ اعلان ڪيو ويو، بلوچستان ۾ پرامن بلدياتي چونڊون انتهائي حوصلي جوڳي خبر آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي ته صوبي جي ڏورانهن ??لائقن ۾ رهندڙ عوام جمهوري نظام تي يقين رکي ٿي، محمد نواز شريف محنت ۽ لگن سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ محنت ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مانسهره ۾ مختلف ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪرڻ جي ??وقعي تي منعقد وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ايئرپورٽ ۽ 45 ڪلوميٽر ڊگهي مانسهره مظفرآباد موٽروي منصوبن سميت ڪيترن ئي ترقياتي منصوبن جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي مريم نواز شريف، سينيٽر پرويز رشيد، انجنيئر امير مقام، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي، اڳوڻو وڏو وزير مهتاب عباسي، سردار محمد يوسف سميت ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ٻيون شخصيتون پڻ موجود هيون. اسٽيج سيڪريٽري جا فرض ڪيپٽن (ر) محمد صفدر سرانجام ڏنا. وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ پهريون ڀيرو هزاره موٽروي تان سفر ڪري هتي آيو آهيان، اڄ سفر ڪندي هر لمحي محسوس ڪيو ته محمد نواز شريف پاڪستان ۾ ڪيڏي شاندار موٽروي تعمير ڪئي آهي. ان کان اڳ سکر ملتان موٽروي 2016ع ۾ شروع ٿي ۽ ان کي پنهنجي حڪومت جي دور ۾ مڪمل ڪيو، هي اهي عظيم منصوبا آهن ??يڪي پاڪ چين اقصادي لنگهه تحت مڪمل ٿيا آهن. وزيراع??م چيو ته اسلام آباد مري ايڪسپريس وي تان گذرندي احساس ٿئي ٿو ته نواز شريف ڪهڙي طرح محنت ۽ لڳاءُ سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي ??اءِ محنت ڪئي. وزيراع??م چيو ته الله تعاليٰ موقعو ڏنو ته پشاور کي لاهور ۽ پوري خيبرپختونخواهه کي پنجاب وانگر ترقي جي راهه تي گامزن ڪنداسين پر ان جي ??اءِ خيبرپختونخواهه جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ڇا اها هڪ اناپرست، ڏينهن ??ات ڪوڙ ڳالهائيندڙ، غربت ۽ بيروزگاري ۾ اضافو ڪندڙ ۽ فتنو ۽ تخريب ڪندڙ عمران خان يا ملڪ ۽ قوم کي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪندڙ محمد نواز شريف جي چونڊ ڪري ٿي. وزيراع??م چيو ته عمران خان هڪ ڪروڙ نوڪرين جو واعدو ڪيو پر ڪنهن کي هڪ نوڪري نه ملي، ان جي دور ۾ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو بيروزگار ٿيا، عوام سان 50 لک گهرن جو واعدو ڪيو ويو هو پر ان جي دور ۾ ملڪ ۾ هڪ سرهه به نه لڳي، آئون توهان سان واعدو ڪريان ٿو ته پاڪستان کي خوشحال ۽ ترقي يافته ملڪ بڻائيندس. وزيراع??م چيو ته پيٽروليم مصنوعات جي ??يمتن ۾ اضافو دل تي پٿر رکي ڪيو ويو آهي پر ان سان گڏوگڏ 8 ڪروڙ غريب ماڻهن جي ??اءِ 28 ارب رپين جي سبسڊي جو پڻ اعلان ڪيو ويو آهي. عمران خان پنهنجي حڪومت جي آخري ڏينهن ۾ تيل جي ??يمتن کي ان وقت گهٽ ڪيو جڏهن ??نيا ۾ تيل جون قيمتون وڌي رهيون هيون، ان کي (عمران خان) کي خبر هئي ته کيس آئيني طريقي سان ڪڍيو پيو وڃي ان لاءِ هن ??سان جي ??اءِ ڄار وڇايو. وزيراع??م چيو ته کيس عوام جي تڪليفن ۽ مشڪلاتن جو احساس آهي. زرتلافي جو اعلان انهي ڏس ۾ ڪيو ويو آهي، 28 ارب جي ??ئڪيج تحت 8 ڪروڙ ماڻهن کي ٻه هزار رپيا ماهوار جي سبسڊي ڏني ويندي. وزيراع??م چيو ته هن ٻه هفتا اڳ چيو هو ته جيڪڏهن ??يبرپختونخواهه جي حڪومت اٽي جي ??يمت گهٽ ڪئي ته ٺيڪ آهي ٻي صورت ۾ اسان ان کي گهٽ ڪنداسين. ان جو اڃا تائين اسان کي جواب ناهي مليو، سڀاڻي کان خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ ۾ 10 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 400 رپين ۾ يوٽيلٽي اسٽورز تي دستياب هوندو. منهنجي خيبرپختونخواهه جي ??ڏي وزير کي درخواست آهي ته هو پنهنجي صوبي جي غريب عوام جي ??اءِ ڪوشش ڪري. وزيراع??م چيو ته هو ڏينهن ??ات محنت ڪري پاڪستان کي خوشحال بڻائيندا. وزيراعظم مانسهره ۾ ميڊيڪل ڪاليج، هزاره جي ??اءِ جدا اليڪٽرانڪ سپلاءِ ڪمپني ۽ مانسهره جي ??اءِ هڪ ارب رپين جي ترقياتي پئڪيج جو اعلان ڪندي چيو ته ميڊيڪل ڪاليج قائم ٿيڻ سان هتان جي ??ارن کي پنهنجي علائقي ۽ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جو موقعو ملندو. وزيراع??م چيو ته بلوچستان ۾ پرامن ماحول ۾ بلدياتي چونڊون ٿي رهيون آهن ??نهن ۾ ووٽرن جو ٽرن آئوٽ 20 کان 35 سيڪڙو تائين آهي، اها انتهائي حوصلي جوڳي خبر آهي، ان مان ثابت ٿيو آهي ته بلوچستان جي ڏورانهن ??لائقن ۾ رهندڙ عوام جمهوريت نظام تي يقين رکي ٿي، ان سان سلامتي جي صورتحال ۾ بهتري جي عڪاسي پڻ ٿي رهي آهي. وزيراع??م چيو ته ايندڙ بجيٽ ۾ هو لائق ۽ ذهين شاگردن جي ??اءِ فري ليپ ٽاپ ڏيڻ جو منصوبو آڻيندو.