اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان نيسلي جي هيڊ آف ڪارپوريٽ افيئرز وقار احمد ۽ جنرل مينيجر عبدالله جاويد ملاقات ڪ??ي ??نهن ۾ نيسلي پاڪستان افغانستان ۾ ٻوڏ متاثرين لاءِ وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي امدادي شيون پهچائڻ جي قدمن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب نيسلي واٽر پاران حڪومت پاڪستان جي ان بهترين قدم ۾ پنهنجو حصو ملائيندي 60 هزار ليٽر پيئڻ ??و پاڻي افغانستان ۾ تازي ٻوڏ متاثرين لاءِ عطيو ڪيو ويو، عطيه ٿيل پيئڻ جو صاف ??اڻ?? ٻوڏ متاثرين کي موذي بيمارين کان بچاءُ ۾ مدد فراهم ڪندو. وزيراعظم شهباز شريف نيسلي پاران ان فلاحي ڪم کي قابل تحسين قرار ڏنو.