اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? غريب ماڻهن کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، لاچار ۽ مفلس طبقي ت?? ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت آهي، پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل ??ئي) کي ٽرسٽ بڻايو وڃي ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيرا??ظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڪڊني اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ تي لاهور ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيرا??ظم کي پي ڪي ايل ??ئي جي انتظامي معاملن تي ت??صيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيرا??ظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل ??ال 290 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ 190 ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، مريضن مان رڳو 17 سيڪڙو کي ئي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. وزيرا??ظم کي اسپتال سان گڏ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي ت?? اڳڀرائي ک??ن پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم پي ڪي ايل ??ئي جي منصوبي کي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ڪي ايل ??ئي ۾ مريضن کي ڏني ويندڙ موجوده سهولتن کي غيرتسلي بخش قرار ڏنو. وزيرا??ظم اسپتال ۾ سهولتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو غريب مريضن کي مفت علاج فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيرا??ظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ڪي ايل ??ئي جو مقصد ئي پوري ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻهن کي مفت ٽرانسپلانٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ هو ته جيئن انهن کي وڏي رق?? خرچ ڪري علاج جي لاءِ ٻين ملڪن نه وڃڻو پوي. وزيرا??ظم پي ڪي ايل ??ئي کي مالي طور خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ت?? هو مڪمل حڪمت عملي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪري. وزيرا??ظم هدايت ڪئي ت?? مالي سببن جي ڪري پڻ مريضن کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي، صحت جون معياري سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ملڪ جي غريب ماڻهن کي مسئلا آهن، انهن کي عالمي معيار جي سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيرا??ظم لاچار ۽ مفلس طبقي ت?? ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ کي بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيرا??ظم پي ڪي ايل ??ئي کي ٽرسٽ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ پي ڪي ايل ??ئي جي صفائي کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ضرورت پوي ت?? صفائي جي نظام کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي هيلٿ سيڪريٽري، لاڳاپيل ??عليٰ عملدارن ۽ پي ڪي ايل ??ئي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.