اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) روس جي مسلمان اڪثريتي علائقي چچنيا جي صدر رمضان ڪ??دروف گڏيل قومن ۽ عالمي فورمن تي اسلامو فوبيا بابت وزي??اع??م عمران خان جي موقف کي ساراهيندي چيو آهي ته روس جا مسلمان کيس وڏي عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسن ٿا. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزي??اع??م جي نالي پنهنجي خط ۾ چيچنيا جي صدر چيو ته گڏيل قومن ۽ عالمي فورمز تي پنهنجي دين بابت توهان جي موقف تي ٿورن جي اظهار لاءِ هو ذاتي طو?? تي وزي??اع??م سان ملاقات لاءِ بي تاب هو، چيچن صدر تازي روس جي دوري دوران وزي??اع??م سان ملاقات تي سندس ٿورو ادا ڪيو ۽ چيو ته روس جا 30 لک مسلمان کيس ”وڏي عزت ۽ احترام“ جي نگ??هه سان ڏسن ٿا. صدر ڪادروف چيو ته هو روس ۾ وزي??اع??م جي لاءِ هر طرح جي خدمت ڪرڻ لاءِ تيار آهي، الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو اسان کي پنهنجي فرض شناس ۽ فرمانبردار انسانن ۾ شمار ڪري، الله جي دين ۽ اشاعت اسلام، دفاع ۽ جدوجهد لاءِ اسان هر طرح جي خدمت لاءِ حاضر آهيون، اسان توهان کي روس جي ايندڙ دوري جو بي چيني سان انتظار ڪنداسين.