اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ٻيهر ڪورونا ۾ مبتلا ٿي ويو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سماجي رابطن جي ويب سائيٽ تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته ۽ جڏهن آئون بيمار ٿيندو آهيان ته اهو ئي شفا ڏيندو آهي، منهنجو ڪورونا ??يسٽ ٻيهر مثبت آيو آهي. هن چيو ته 4، 5 ڏينهن کان گلو خراب هو پر بهتر ٿي رهيو هو، ??ه راتيون اڳ ڪجهه ڪلاڪ لاءِ معمولي بخار ٿيو، ??نهنجا دوستو، احتياط ڪريو ۽ اي?? او پيز تي عمل ڪريو.