اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم ۽ صحت جي بنياد تي هڪ صحتمند ۽ ترقي يافته قوم بڻجندي ??هي، صحيح فيصلا سازي ۽ پنهنجي ذهانت کي استعمال ۾ آڻيندي ??سان دنيا ۾ جلد پنهنجو مقام حاصل ڪري سگهون ٿا، گهٽ آبادي وارن صوبن جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي فراهمي بابت لائحح عمل اختيار ڪرڻ گ??رجي، خانداني منصوبابندي ??ابت پيغام هر گهر تائين پهچائڻ گ??رجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي (نسٽ) ۾ آبادي ??ي موضوع تي س??لياني ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو، ڪانفرنس ۾ نمائنده ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر علام محمد عارف، يونيورسٽي جي مختلف شعبن جي س??براهن، استادن ۽ شاگردن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ??در چيو ته خانداني منصوبابندي ??ابت پيغام هر گهر تائين پهچڻ گ??رجي، موجوده دور جي گهرج آهي ته فيصلا تيزي س??ن ڪيا وڃن، گهٽ آبادي وارن صوبن جي لاءِ وڌيڪ فنڊن جي فراهمي س??ن لاڳاپيل عمل اخيتار ڪرڻ گ??رجي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي هڪ وڏو چئلينج آهي، ملڪ کي گذريل 30 کان 50 سالن کان اهو چئلينج درپيش آهي، بنگلاديش ۽ ايران جهڙا اسلامي ملڪ آبادي ۾ اضافي جي مسئلي کي منهن ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، اسان کي ميڊيا جي ذريعي عوام تائين ان بابت پنهنجو پيغام پهچائڻ گ??رجي، عالم سڳورا به ان باري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڪورونا بحران جي ٻن سالن جي دوران ميڊيا اسان جي وڏي مدد ڪئي، آبادي ۾ اضافي س??ن پيدا ٿيندڙ مسئلن جي باري ۾ پيغام گهر گهر وڃڻ گ??رجي، پاڪستان ايندڙ ٻن سالن تائين حمل روڪ مصنوعات جي مينوفيڪچرنگ شروع ڪري ڇڏيندو. هن چيو ته صحت هر گهر کي اثر انداز ڪندي ??هي، خاندان جي اندر توازن پيدا ڪريو، ليڊي هيلٿ ورڪرز ۽ مڊ وائيف وڌندڙ آبادي ۽ خانداني منصوبابندي ??ي باري ۾ هر گهر ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿيون، ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملڪي روانگي واپار وڌڻ خوش آئنده آهي، اسان پراڻو بار کڻي هلي رهيا آهيون، ان ڳالهه تي پ??رو يقين آهي ته صحيح فيصلو ڪرڻ جي صورت ۾ پاڪستان 5 کان 10 سالن ۾ دنيا ۾ منفرد مقام حاصل ڪندو. صدر عورتن کي معاشي طور تي مستحڪم بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته عورتن کي تعليم، بهتر موقعا ۽ هنرمند بڻائي معاشري ۾ بااختيار بڻائي سگهجي ٿو.