اسلام آباد – 26 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي بلوچستان اسيمبلي جي ??ئين چونڊيل اسپيڪر مير جان محمد جمالي جي خيريت دريافت ڪرڻ ڪوئيٽا ۾ سندس رهائشگاهه تي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جار?? بيان موجب بلوچستان اسيمبلي جي ??ئين چونڊيل اسپيڪر جان محمد جمالي جي طبيعت گذريل ڪجهه ڏينهن کان ناساز آهي. سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي جي جلد صحتيابي ل??ءِ دعا ڪئي، سينيٽ چيئرمين جان محمد جمالي کي مڪمل آرام جو ??شورو به ڏنو، ملاقات دوران ملڪي صورتحال ۽ خاص طور تي بلوچستان جي اقتصادي صورتحال، ترقياتي منصوبن ۽ اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. جان محمد جمالي خيريت دريافت ڪرڻ تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جو ??ورو ادا ڪيو، سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا محمد آفريدي به سينيٽ چيئرمين سان گڏ هو. ڊپٽي چيئرمين به جان محمد جمالي جي ????ءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ جلد صحتيابي ل??ءِ دعا ڪئي.