اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان پوليو جي خاتمي لاءِ صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهچندڙ پوليو ورڪرز قومي ??دمت سرانجام ڏئي رهيا آهن، بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز جي لاءِ انعام ڏيڻ جو پلان جوڙيو وڃي، اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻو آهي، ڪورونا جي نئين قسم اوميڪرون کي نظر ۾ رکندي ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي روڪٿام جي مهم جي حوالي سان جائزه اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وز??راعظم جو قومي ??حت وارو خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، صحت واري پارلياماني سيڪريٽري ڊاڪٽر نوشين حامد ۽ اعليٰ عهديدار شريڪ هئا. جڏهن ته پنجاب، سنڌ، خيبرپختونوا ۽ بلوچستان جا چيف سيڪريٽريز ۽ 30 کان وڌيڪ ضلعن جا ڊپٽي ڪمشنر وڊيو لنڪ جي ذريعي شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ وز??راعظم کي ٻڌايو ويو ته عالمي ??دارن حڪومت پاڪستان جي ڪورونا ۽ پوليو کان بچاءُ لاءِ موثر قدمن کي ساراهيو آهي. خيبرپختونخوا جي ڏکڻ ضلعن، بلوچستان جي ضلعي ڪوئيٽا، قلعه عبدالله ۽ پشين ۽ سنڌ ۾ حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ گدلي پاڻي جي ذريعي پوليو جي پکيڙ جو خطرو وڌيڪ آهي. ان موقعي تي وز??راعظم صوبائي ۽ ضلعي حڪومتن جي پوليو جي خاتمي لاءِ ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته پوليو ورڪرز جيڪي ڏورانهن ۽ مشڪل علائقن تائين پهتا آهن قومي ??دمت سرانجام ڏئي رهيا آهن جنهن جي لاءِ هو خصوصي تعريف جا مستحق آهن، هن هدايت ڪئي ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ پوليو ورڪرز لاءِ انعام ڏيڻ جو پروگرام جوڙيو وڃي. چيف سيڪريٽريز ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي پوليو جي خاتمي ??ي قدمن کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي، وز??راعظم چيو ته گهٽ منتقلي وارا سيزن پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ موزون ترين وقت آهي ۽ اسان سڀني کي گڏجي پوليو جو خاتمو ڪرڻو آهي، ضلعي انتظاميه پوليو ورڪرز کي هراسان ڪرڻ يا انهن جي حملن جي صورت ۾ قانوني ڪارروائي جي ذميداري وٺي، ٻارن کي ڪيترن ئي مرضن کان بچاءُ لاءِ ٽڪن جي عمومي مهم ۽ پوليو جي خاتمي ??ي مهم کي گڏوگڏ هلايو وڃي، هن چيو ته ڪورونا وائرس جي نئين قسم اومي ڪرون جي پيش نظر ڪورونا جي خلاف ويڪسي نيشن مهم کي وڌيڪ وڌايو وڃي.