اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ جو مستقبل شاگردن ۽ يونيورسٽين جي هٿ ۾ آهي، شاگرد ۽ يونيورسٽيون ملڪ جي ??قدير بدلائي سگهن ٿا، آمريڪا جي ??سٽينفورڊ يونيورسٽي ٽي ٽريلين ڊالر جي ??ڪانومي کڙي ڪئي، يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز ملڪي ترقي لاءِ هدف مقرر ڪن، پاڪستان زرعي برآمدات جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي ??گهي ٿو، ماڊرن ايگريڪلچر جي ??ندر وسيع موقعا آهن، شاگرد پنهنجون ڪمپنيون جوڙي آبادگارن کي لائيو اسٽاڪ سميت سمارٽ فارمنگ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پير مهر علي شاهه باراني يونيورسٽي ۾ شاگردن کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان جو مستقبل شاگردن ۽ يونيورسٽين جي هٿ ۾ آهي، شاگرد ۽ يونيورسٽيون ملڪ جي ??قدير بدلائي سگهن ٿا. هن ??يو ته نوجوان آءِ ٽي ۾ انقلاب برپا ڪيو، واٽس ايپ ، ي??هو?? فيس بڪ ۽ ايما??ون جا باني به نوجوان هئا، آمريڪا جي ??سٽينفورڊ يونيورسٽي ٽي بلين ڊالر جي ??ڪانومي کڙي ڪئي، وفاقي وزير چيو ته يونيورسٽين جا وائيس چانسلرز ملڪي ترقي ۾ حصو وٺڻ لاءِ پنهنجا هدف مقرر ڪن. هن ??يو ته قيام پاڪستان جي وقت صرف هڪ يونيورسٽي هئي، هاڻي 200 يونيورسٽيون موجود آهن، ملتان، فيصل آباد، ٽنڊو آدم، لسبيله سميت راولپنڊي ۾ قائم زرعي يونيورسٽيون شاندار ڪم ڪري رهيون آهن، هن ??يو ته يونيورسٽيون ۽ نجي ڪاروباري ادارن ۾ رابطو هجڻ گهرجي. اطلاعات واري وزير چيو ته اها ڳالهه خوش آئنده آهي ته وڏي تعداد ۾ شاگرد ۽ شاگردياڻيون زرعي يونيورسٽين ۾ موجود آهن، هن ??يو ته شاگردن کي ملڪ جي معاشي ترقي ۾ حصو وٺڻو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پاڪستان زرعي روانگي واپار جو هڪ وڏو ذريعو بڻجي ??گهي ٿو، جديد زراعت ۾ وڏا موقعا آهن، شاگردن کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي، ان مقصد لاءِ شاگرد پنهنجون ڪمپنيون جوڙين جيڪي آبادگارن کي لائيو اسٽاڪ سميت سمارٽ فارمنگ ۾ مدد فراهم ڪري سگهن. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ ڪووڊ جو پهريون ڪيس جڏهن سامهون آيو ته ان وقت اسان ڪووڊ بابت ڪا به شيءَ تيار نه ڪري رهيا هئاسين، ماسڪ، وينٽي ليٽرز ۽ ڪووڊ جي ??فاظتي ڪٽس درآمد ڪيون پئي ويون، اسان وٽ تي سيني ٽائرز جي کوٽ ٿي جيتوڻيڪ اسان ايٿانول برآمد ڪندا هئاسين ان لاءِ اسان ڊريپ جي ??يٿانول تي پابندي ختم ڪرائي ۽ صرف ست مهينن جي مختصر عرصي ۾ پاڪستان ڪووڊ بابت سامان مقامي سطح تي تيار ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو. هن ??يو ته اسلام آباد کي دنيا ۾ منفرد مقام حاصل آهي، دنيا جي 63 سيڪڙو آبادي اسلام آباد مان صرف ٽن ڪلاڪ جي مسافري تي آهي، هن شاگردن کي مشورو ڏنو ته هو يونيورسٽي جي نصاب سان گڏوگڏ دنيا ۾ ٿيندڙ جديد ريسرچ جو به مطالعو ڪن.