رياض – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا ج??ري ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي، انساني بحران کي روڪن، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي و??ري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ا??م آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن رياض ۾ وچ اوڀر شاداب قدم سربراهه اجلاس جي موقعي تي بحرين جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن ٻنهي دوست ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هنن افغانستان جي تازي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معا??لن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم ع??را?? خان پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ تاريخي ۽ گهري دوستاڻن لاڳاپن کي اجاگر ڪيو. ڊسمبر 2019ع ۾ پنهنجي بحران جي دوري جو حوالو ڏيندي وزيراعظم گڏيل لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ مستقل اعليٰ سطحي رابطن جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم ع??را?? خان زور ڏنو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي لاءِ انتهائي اهم آهي. هن چيو ته ا??ساني بحران کي روڪڻ، معاشي تباهي کان بچڻ ۽ افغانستان ۾ ڊگهي مدي و??ري ترقي ۽ استحڪام ۾ تعاون جي لاءِ عالمي برادري جي مستقل ۽ مثبت ڳالهه ٻولهه ا??م آهي. وزيراعظم افغان عوام جي مدد لاءِ افغانستان جا منجمند اثاثا ج??ري ڪرڻ جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. بحرين جي ولي عهد چيو ته هو پاڪستان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو ۽ انهن کي سمورن رخن سان مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي. ٻنهي وزيراعظمن مختلف شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن معا??لن تي مشاورت ج??ري رکڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ع??را?? خان ولي عهد شهزاده سلمان بن حماد بن عيسيٰ الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دع??ت ڏني. ولي عهد جلد پاڪستان جي دوري جو عزم ظاهر ڪيو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 21:23