اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جو غاصباڻو قبضو گهڻي دير نه رهندو، اتي سيد علي گيلاني جهڙا ماڻهو پيدا ٿي??دا ره??دا ۽ ڪشمير جلد آزاد ٿيندو. هو بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي ??ائ??انه جنازي نماز جي ادائيگي کانپوءِ صحافين سا?? ڳالهائي رهيو هو. سيد علي گيلاني جي ??ائ??انه جنازي نماز پارليامينٽ هائوس ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ پارليامينٽ ميمبرن، وزيرن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم کانسواءِ ٻين سياسي شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سيد علي گيلاني کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي تائين انهن جهڙا حريت پسند پيدا ٿي??دا رهندا. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلمانن تي ظلمن سا?? گڏوگڏ ڀارت جي اندر سمورين اقليتن سا?? سلوڪ افسوسناڪ آهي، اها صورتحال ڀارت جي بربادي جو سبب بڻجندي جيڪو پاڻ پنهنجي اندر تعصب ۽ اقليتن جي خلاف نفرت جي باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. صدر چيو ته گڏيل قومون والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو پورو نه ڪيو جنهن سا?? انهن جي ساک متاثر ٿي آهي. هن چيو ته ڪشميري عوام جون قربانيون ضايع نه ٿينديون ۽ انهن جي آزادي جو خواب جلد پورو ٿيندو. ان موقعي تي ??ائ??انه جنازي نماز ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن پڻ سيد علي گيلاني جي جدوجهد کي شاندار لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪيو.