لاهور – 25 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان گورنر هائوس لاهور ?? پنجاب جي چيف سيڪريٽري جواد رفيق ملڪ ۽ پنجاب جي آءِ جي انعام غني ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ?? پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار به موجود هو. ملاقات ۾ صوبي ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال کانسواءِ قبضا مافي?? خلاف ڪارروائي، مهانگائي ۽ ذخيره اندوزي جي روڪٿام لاءِ انتظاميا جي قدمن تي وزيراعظم کي بر??فن?? ڏني وئي. سڄ?? صوبي ۾ عورتن جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن تي به بر??فن?? ڏني وئي. وزيراعظم اهڙن واقعن کي روڪڻ ۽ عورتن جي تحفظ لاءِ فوري ۽ سخت قدمن جي هدايت ڪئي، وزيراعظم چيو ته جوابدارن جي خلاف فوري ڪارروائي ڪري سخت کان سخت سزا يقيني بڻائي وڃي. وزيرعظم عمران خان شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ جي به هدايت ڪئي.