اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ برطانيه جي پرڏيهي وزيرن ٻه طرفن ناتن ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعب?? ۾ ??هڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ برطانوي پرڏيهي وزير ڊومينڪ راب وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ٿيون. ڳالهي?? ۾ ??فغانستان ??ابت خاص نمائندي سفير محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمد، اسپيشل پرڏيهي سيڪريٽري رضا بشير تارڙ ۽ پرڏيهي وزارت جي سينيئر عملدارن شرڪت ڪئي. پرڏيهي وزير برطانوي پرڏيهي وزير کي وفد سميت پرڏيهي وزارت آمد تي سندن آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته توهان ??و هي دؤرو اهڙي تاريخي وقت تي ٿي رهيو آهي جڏهن افغانستان ??ي صورتحال اهم تاريخي موڙ تان گُذري رهي آهي. هن چيو ته 16 آگسٽ ۽ 27 آگسٽ تي به توهان ??ان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو هو. اسان ??فغانستان ??ي بدلجندڙ صورتحال تي غور ويچار ڪيو هو. وزيراعظم عمران ??ان ۽ برطانيه جو وزيراعظم بورس جانسن وچ ۾ پڻ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو ۽ افغانستان ??ي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير برطانوي هم منصب کي مختلف ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٿيل تازن رابطن کان ??ه آگاهه ڪيو. هن چيو ته افغانستان ??ي حوالي سان لڳايل سمورا اندازا ۽ اڳڪٿيون غلط ثابت ٿيون، اطمينان ??وڳي ڳالهه اها آهي ته افغانستان ۾ هاڻوڪي تبديليءَ دوران ??توڇاڻ ناهي ٿي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته طالبان قيادت طرفان معام معافيءَ جو اعلان، حقن جو تحفظ ۽ افغان ڌرتيءَ کي ڪنهن جي خلاف استعمال نه ٿيڻ جو يقين ڏيارڻ حوصلو ڏيندڙ آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کان ??اري جنگ جو خاتمو هڪ سونهري ۽ تاريخي موقعو آهي. عالمي برادريءَ کي 90ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيل غلطين مان ??بق سِکندي افغانستان ??ي انساني ۽ مالي معاونت کي يقيني بڻائڻ لاءِ اڳيان وڌڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو ته گهرو ويڙهه، معاشي بحران، پناهگيرن جي يلغار سميت ڪيترائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته اسان ??ن نازڪ موقعي تي امن مخالف قوتن ”اسپائيلرز“ تي به ڪڙي نظر رکون ٿا جيڪي افغانستا?? ۾ ??من جي ڪوششن کي تباهه ڪرڻ لاءِ متحرڪ آهن. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ??فغانستا?? ۾ ??جتماعيت واري سياسي حل جو حامي آهي، افغانستا?? ۾ ??من پوري خطي جي امن ۽ استحڪام ۽ رابطن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ضروري آهي. افغانستان ??ي بدلجندڙ صورتحال تي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ ۾ خطي جي پاڙيسري ملڪن جو دؤرو ڪيو. شاهه محمود قريشي چيو ته منهنجي تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران ??ي قيادت سان ٿيل ملاقاتون حوصلو ڏيندڙ ۽ نفعي بخش رهيون. پاڪستان 24 ملڪن جي سفارتي عملي، شهرين ۽ عالمي ادارن جي اهلڪارن کي ڪابل مان ??ندن ملڪ آڻڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيه افغانستان ??ي موجوده صورتحال تي لڳاتار رابطي ۾ آهن. برطانوي پرڏيهي وزير ڪابل مان ??رطانوي شهرين ۽ سفارتي عملي کي افغانستان مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ معاونت تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ ٻه طرفي سهڪار ۽ گڏيل دلچسپيءَ جي مختلف شعب?? ۾ ??هڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پرڏيهي وز??ر چيو ته پاڪستان ڪورونا وائرس جي وبا کي روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا. برطانيه طرفان پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جي فيصلي تي ڳڻتي آهي، اسان کي اميد آهي ته برطانيه انگن اکرن کي سامهون رکندي پاڪستان کي ريڊ لسٽ ۾ رکڻ جي فيصلي تي نظرثاني ڪندو.