اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان ۾ ڪير سک سان نه ويهندو، ڀارت جي سمورين سازشن جي باوجود پاڪستان مضبوط ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي جي قيادت ۾ پارليامينٽ هائوس کان ڊي چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊ??ڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سي ڊي اي معاملن واري ??اص معاون علي ??وا?? اعواڻ سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کانسواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ريلي جي موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي صدر ڊ??ڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن 2 سال اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو استحصال ڪيو ويو. ڀارت پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان ڀارت جي ان قدم سان اتفاق نه ٿو ڪري. هن چيو ته ڀارت جي ورڇ جنهن تي اصول تي ٿي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وجود ۾ آيا هئا، ڀارت ڪشمير ۾ ان اصول کي پائمال ڪيو. ان اصول موجب والاريل ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻجڻو هو. هن چيو ته ڪشميري ??وام تي ڊوگرا راڄ ۾ جيڪي ظلم ڪيا ويا ڀارت انهن ظلمن جو سلسلو اڄ به جاري ??کيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي پيلٽ گنز سان نشانو بڻايو وڃي ٿو. هزارين ڪشميري پنهنجي خودمختياري ??و حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ شهادت ماڻي چڪا آهن. هزارين عورتون بيواهه ٿيون آهن. ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري ??کيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري ??و حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڪشميرين کي گڏيل قومن جي انهن قرادادن جي ڏس ۾ انهن جي خودمختياري ??و حق ملڻ گهرجي. دنيا ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي پر ڪشميري ??ن تي خاموش نه ويٺا. هر ڪشميري ٻار پنهنجي پيدائش کانپوءِ ڀارتي ظلمن جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪري ٿو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم دنيا جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهن. آزاد ڪشمير ۾ صورتحال پرامن آهي. ميڊيا آزاد آهي. سفارتڪارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن جي جائزي لاءِ اتان جو دورو ڪرايو ويو. بئي طرف ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا کي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي. والاريل ڪشمير جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پوءِ به آزادي جو جهنڊو بلند ڪيل آهي. ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جو ڪو به شخص سک سان نه ويهندو. ڪشميرين پنهنجي خودمختياري ??و حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو. پاڪستان ۽ ڪشميري ??وام گڏيل قومن تي اعتماد جو اظهار ڪيو پر ڀارت گڏيل قومن جي قراردادن کي پٺتي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ??هيو آهي. 30 کان 40 لک غيرڪشميرين کي ڪشمير جو ڊوميسائيل جاري ڪيو ويو. ڀارت ان قدم جي ذريعي اتي حالتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن سان انسان سوز سلوڪ ڪري ??هيو آهي ۽ اهو ئي سلوڪ ڪشميرين سان به ڪري ??هيو آهي. هن ڀارت کي خبردار ڪندي چيو ته ڀارتي سازشن جي باوجود پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري ??هيو آهي. پاڪستان ڪشميرين کي آزادي ڏياري ??هندو. هن چيو ته ڀارت باهه سان کيڏي رهيو آهي. ڀارت ۾ غربت تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت امن جي خواهش ڪئي پر پاڪستان ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ڀارت سان ڳالهيون نه ڪندو. جيستائين ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون. ريلي جي پڄاڻي تي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.