اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته زراعت ملڪي معيشت جو ??ڏو ش??بو آهي، ڪوريا پاران ان شعبي ۾ ٽيڪنالاجي ۽ تجربي جي مٽاسٽا سان ملڪ ۾ فوڊ سيڪيورتي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي ۽ ننڍن آبادگارن جي مجموعي آمدني ۾ بهتري ايندي. اها ڳالهه ه?? ڪور??ا جي نائب وزير هورتائي وونگ جي سربراهي ۾ ڏکڻ ڪور??ا جي رورل ڊيولپمينٽ اينڊ ايڊمنسٽريشن شعبي (ڊي آر ڊي اي) جي وفد سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي آجيان ڪدني وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده گهڻ رخن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي ساراهيو. وزيراعظم فصلن جي لاءِ مخصوص زرعي ٽيڪنالاجي جي ترقي، محقيقن ۽ آبادگارن جي صلاحيت ۽ تربيت جي فراهمي ۽ زرعي شعبي جي پائيدار ترقي جي حمايت ۾ ڊي آر ڊي اي جي ڪردار کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ مختل?? شعبن ۾ تمام گهڻين صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. ڏکڻ ڪور??ا جي نائب وزير پاڪستان ۽ ڪور??ا جي وچ ۾ مختل?? شعبن ۾ تعاون جي اهميت کي ساراهيو ۽ پاڪستان جي زرعي شعبي ۽ رورل ترقي ۾ ڏکڻ ڪوريا پاران مسلسل تعاون جي عزم کي ورجايو.