ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ويزن 2030ع موجب ملڪ ۾ صحت جي سهولتن جو معيار بلند ڪرڻ جي لاءِ نرسنگ ج?? شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ??عليم ۽ تربيت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته نرسن جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن. گورنر هائوس ۾ ينگ نرسز ايسوسيئيشن (وائي اين اي) سنڌ جي وفد سان ملاقات ۾ صدر نرسنگ ج?? پيشي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته هيومن ڊيولپمينٽ انڊيڪس ۽ ويزن 2030ع جا هدف حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ هي شعبو انتهائي اهميت رکندڙ آهي. هن پاڪستان نرسنگ ڪائونسل (پي اين سي) تي ز??ر ڏنو ته نرسن کي معياري تعليم ۽ نرسنگ ج?? بهترين اصولن تي عملدرآمد جي لاءِ ماسٽر ٽرينرز جون خدمتون حاصل ڪيون وڃن.