اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي اقتصادي تعاون تنظيم (ايڪو) جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون ۽ رابطن کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته عالمي معاملن ۾ مفادن کي ترجيح حاصل آهي جڏهن ته هن وقت دنيا کي انسانيت ۽ اخلاقي قدر رکندڙ قيادت جي ضرورت آهي، مسلمان ملڪ پنهنجي رهڻي ڪهڻي ۽ معيشت کي مضبوط بڻائي عالمي برادري ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪري سگهن ٿا. هو اقتصادي تعاون تنظ??م جي پارلياماني اسيمبلي جي ٻي جنرل ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪري ره??و هو.