ڪراچي – 24 اپريل (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي ايوان نوادرات قائداعظم ۾ محققين ۽ تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙن کي راغب ڪرڻ جي لا??ِ تاريخي نوادرات بابت معلومات کي ڊيجيٽل طريقي سان فراهم ڪرڻ سان گڏوگڏ شوڪيسز ۾ مناسب روشني جو انتظام ڪرڻ سميت سياحن جي لا??ِ سهولتون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. هو گورنر هائوس ۾ ايوان نوادرات قائداعظم ۽ نيشنل ميوزيم آف پاڪستان جي رنگ روغن ۽ اپ گريڊيشن جي حوالي سان ا??ڀرائي جو جائزو وٺڻ لا??ِ منعقد اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ قومي ورثي ۽ ثقافت ڊويزن جي س??نيئر عملدارن ۽ قائداعظم جي مزار جي مئنيجمينٽ بورڊ جي عهديدارن پڻ شرڪت ڪئي.