اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته پاڪستان کي مديني جي رياست جي طرز تي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، بدعنواني ملڪ جي لاءِ سڀ کان وڏو ڪينسر آهي، قانون جي بالادستي کانسواءِ ڪو معاشرو ترقي نه ٿو ڪري سگهي، ملڪ جا اربين رپيا چوري ڪندڙ اين آر او چاهين ٿا، ڪيترن ئي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن جي پسماندگي جو سبب انهن جي قيادت جو بدعنوان هجڻ آهي، اولهه ملڪ اسلامي فلاحي نظام جو اصول اختيار ڪري اڳتي نڪري ويا آهن، اظهار جي آزادي جو اهو مطلب نه آهي ته مذهبي نفرت کي هوا ڏني وڃي، اولهه کي باور ڪرائڻو پوندو ته انتهاپسندي ۽ د??شت??ردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، عالم س??ورن کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ ۽ ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ ??نهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالم س??ورا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس کي مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري ۽ عيدگاهه شريف جي سجاده نشين پير حسان حسيب الرحمان پڻ خطاب ڪيو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته پاڪستان قائم ڪرڻ ۾ عالم س??ورن جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي، عالم س??ورن باباءِ ??وم سان گڏجي پاڪستان قائم ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو، قائداعظم پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست ماڊل طور بڻائڻ چاهيندو ٿو، اڄ به پاڪستان کي رول ماڊل بڻائڻ جي لاءِ عالم س??ورن جو تمام اهم ڪردار آهي، دنيا جي تاريخ ۾ پاڪستان واحد ملڪ آهي جيڪو اسلام جي نالي تي ٺهيو، علامه اقبال به پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ ڏسڻ چاهيندو هو جيڪو سڄي دنيا جي لاءِ رول ماڊل بڻي، عظيم مسلمان اسڪالر محمد عبده پڻ سوا سئو سال اڳ اولهه کان مصر واپس آيو ته هن اتي ٻڌايو ته اولهه ۾ مسلمان ته نه هئا پر اسلام تمام گهڻو ڏٺو جڏهن ته مصر ۾ مسلمان ته تمام گهڻا آهن پر اسلام نه آهي، ماضي ۾ مسلمانن جي ڪردار کي ڏسي ماڻهو اسلام قبول ڪندا هئا پر بدقسمتي اسان ان شيءَ کان تمام گهڻو پري نڪري وياسين، پاڪستان کي اسان کي هڪ اهڙو ملڪ ٺاهڻو هو جنهن کي ڏسي دنيا متاثر ٿئي، عالم س??ورن کي ملڪ کي پنهنجي اصل رستي تي واپس آڻڻ جي لاءِ ??نهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته اولهه ۾ د??شت??ردي کي اسلام سان ڳنڍي اسلامي د??شت??ردي ۽ اسلامي انتهاپسندي جي اصطلاح استعمال ڪئي وڃي ٿي، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته گذريل 20 سالن ۾ مسلمان ملڪن پاران ان تي ردعمل ڏسڻ ۾ نه آيو، گڏيل قومن ۽ او آءِ سي جهڙا پليٽ فارم موجود آهن جتي مسلمان ليڊرن کي اهو ٻڌائڻ گهرجي ها ته د??شت??ردي جو اسلام سان ڪو تعلق نه آهي، دين ۽ د??شت??ردي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق نه آهي، اولهه ۾ ڪڏهن مسلمان ليڊرن پاران ان جي وضاحت نه ڪئي وئي.