اسلام آ??اد – 07 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خا?? جي ويز?? جي روشني ۾ پهريون ڀيرو ”سينٽرلائزڊ ڊيٽا ڪوليڪشن“ تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، پ??ڪستا?? جي عوام کي رليف جي فراهمي، پ??ڪستان تحريڪ انصاف حڪومت جي اولين ترجيح آهي، زميني حقيقتن موجب جامع ڊيٽا هر زندگي جي شعبي بابت فيصلاسازي ?? مددگار ثابت ٿيندي آهي. هو پاڪستا?? جي ڳڻپ واري اداري جي دوري جي موقعي تي بريفنگ دوران خيالن جو اظهار ڪري رهيو هو. وفاقي وزي?? کي ڳڻپ واري ڊويز?? جي عملدارن پاران ضروري شي?? جي قيمتن ۾ لاهن چاڙهن بابت بريفنگ ڏني، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته هر وزارت جو پنهنجو ڊيٽا گڏ ڪرڻ جو نظام هجڻ گهرجي، سينٽرلائزڊ ڊيٽا سان ڳنڍيل هجي، جامع ڊيٽا سان ضروري شي?? جي گهرج، پهچ، پيداوار، ذخيري، آمدني واپار ۽ روانگي واپار جي هدفن جو پتو پئجي سگهندو، بار ڪوڊنگ سان اسمگلنگ جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته جامع ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيڪنالوجيڪل، افرادي قوت سميت هر طريقيڪار جو استعمال ڪيو وڃي. جامع ڊيٽا، انتظامي معاملن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ ڪارگر ثابت ٿيندو آهي.