اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ سي پيڪ تحت جاري منصوبن تي ڪم ??ي تيز ڪرڻ جي لاءِ ڪا به ڪسر نه ڇڏي وڃي، چشمه رائيٽ بئنڪ ڪينال منصوبي ??ي تڪميل لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ ۽ ??اص مددگار ارباب شهزاد سميت لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن به شرڪت ڪئي.