حسن ابدال – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي هڪ اهڙو ملڪ بڻائڻ چاهيون ٿا جنهن کي ٻاهران قرض نه گهرڻا پون، معيشت تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي، ا??م ايل ون جي صورت ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀ??رو چين وڏي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان سياحت جي حوالي سان وڏو مرڪز بڻجندو. اهڙن خيالن جو اظهار حسن ابدال ۾ ريلوي اسٽيشن جي اپ گريڊيشن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ ريلوي جي وڏي اهميت آهي ڇو ته ريل جي ذريعي عام ماڻهو سستو ۽ آرامده سفر ڪندو آهي. سڄي دنيا ۾ ريل جو سفر بهترين ??ريعو آهي، وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته انگريزن جي ڏنل ريلوي نظام کي ترقي نه ڏني وئي، ا?? کي توسيع ڏيڻ بدران ان ۾ 50 ڪلوميٽر جي گهٽتائي ٿي، هن چيو ته چين ??نيا ۾ سڀ کان تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ آهي ۽ چين پنهنجي ملڪ ۾ دنيا جو تيز ترين ??يلوي جو نظام وڇايو آهي، چين جي مدد سان ملڪ ۾ پهرين ڀ??رو وڏي سيڙپڪاري اچي رهي آهي، ا??م ايل ون 9 ارب ڊالر جو منصوبو آهي.