اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ٻطرفن ??اڳ??پن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ سمورن شعبن خاص طور تي معيشت، واپار، سيڙپڪاري، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، دفاعي صن??ت ۽ تعليم ۽ ثقافت ۾ گڏي?? تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان بوسنيا هرزيگووينا جي پريزيڊنسي جي چيئرمين شفيق جعفر ووچ جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان جا بوسنيا هرزيگووينا سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي گڏي?? تعاون تي ٻڌل آهن.