وحشي ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير ۾ سنگين خلاف ورزيون ڪري رهي آهي: صدر

image
APP19-25 ISLAMABAD: November 25 - President Dr. Arif Alvi being presented a sword by Commander Qatar Emiri Guard, Staff Maj General Hazza Bin Khalil Bin Mansour Al-Shahwani, who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 25 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت جي وحشي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ مسلسل انساني حقن جي سنگين خلاف ورزيون ڪري رهي آهي، ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪري 113 ڏينهن کان سخت گير ڪرفيو لاڳو ڪري شهري حق ختم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته ڀارت جو اصل مقصد ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي جاگرافيائي حيثيت کي تبديل ڪرڻ آهي جنهن جي لاءِ هو گڏيل قومن جي ڪيترن ئي قراردادن ۽ انساني حقن جي طئي ٿيل اصولن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ايوان صدر مان جاري پريس رليز موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر قطري اميري گارڊ جي ڪمانڊر اسٽاف ميجر جنرل حزه بن خليل بن منصور الشهواني سان ڳالهين دوران ڪيو جنهن پنهنجي وفد سان گڏ هتي ايوان صدر ۾ صدر سان ملاقات ڪئي.

مضمون کا ماخذ : پھل اور سات
متعلقہ مضامین
مزید خبریں