گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي جي رابطا گروپ جو اجلاس

image

اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير بابت اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي رابطا گروپ جو اجلاس نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79 هين اجلاس جي موقعي تي ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحيٰ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي جن ۾ پاڪستان، سعودي عرب، ترڪيه، نائجر ۽ آذربائيجان شامل آهن جڏهن ته ڪشميري عوام جي حقيقي نمائندن جي وفد پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. دفاع واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪئي. هن رابطا گروپ کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياسي، سلامتي ۽ انساني حقن جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ترجمان چيو ته رابطا گروپ جي ميمبر ملڪن او آءِ سي جي ايجنڊا ۾ ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي اهميت جو ذڪر ڪندي ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جي حمايت جو اظهار ڪيو. هن ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي جلد ۽ پرامن حل تي زور ڏنو. اجلاس جي پڄاڻي هڪ جامع گڏيل پڌرنامي جي منظوري سان ٿي جنهن ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ڪشميري عوام جي انهن جي فتح نه ٿيڻ جوڳي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ او آءِ سي پاران ڪشميرين جي جائز جدوجهد جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو ويو. گڏيل پڌرنامي ۾ ڪيترين ئي ڪشميري سياسي پارٽين تي پابندي ۽ ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن جون ملڪيتون ضبط ڪرڻ جي جاري مهم جي پڻ مذمت ڪئي وئي. پڌرنامي ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ نام نهاد چونڊ عمل خودمختياري جي حق جو نعم البدل نه ٿو ٿي سگهي. رابطا گروپ ڀارت تي زور ڏنو ته هو والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪي ۽ گڏيل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي حل جي لاءِ قدم کڻي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو.

مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں