عوام آمدني واپار جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مقامي مصنوعات جي استعمال کي هٿي ڏي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image

ڪراچي-26 آگسٽ (اي پي پي)صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام آمدني واپار جي بار کي گهٽ ڪرڻ لاءِ غير ملڪي شين بدران مقامي مصنوعات جي استعمال کي هٿي ڏي. اهڙو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ ميڊ ان پاڪستان موومينٽ ۽ ميڊ ان پاڪستان ڪانفرنس ۽ سڃاڻپ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر مملڪت چيو ته اسان مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائي سگهون ٿا، واپاري برادري برانڊ پاڪستان لاءِ سخت محنت ڪري، هن پاڪستاني مصنوعات جي ٽريڪ رڪارڊ کي ساراهيندي چيو ته پاڪستاني مصنوعات عالمي سطح تي پذيرائي حاصل ڪئي آهي، عالمي سطح تي ميڊ ان پاڪستان مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، هن واپاري اڳواڻن ۽ ملڪ جي نوجوانن کي چيو ته هو سماجي مسئلن کي صحيح ڪرڻ ۽ مقامي مصنوعات کي هٿي وٺرائڻ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪن. صدر چيو ته اميرن کي گهرجي ته هو ضرورتمندن جي مدد ڪن، تقريب ۾ مشهور شخصيتن شرڪت ڪئي جن ۾ ميڊ ان پاڪستان تحريڪ جو باني رضوان جعفر پڻ شامل هو.

مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں