يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آرام ڪري رهيا آهن: فردوس عاشق اعواڻ

image
APP82-06 ISLAMABAD: November 06 - Special Assistant to the Prime Minister on Information and Broadcasting, Dr. Firdous Ashiq Awan talking to media. APP

اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته يرغمالي مارچ جا اڳواڻ بستر تي آرام ڪري رهيا آهن ۽ سياست جي ور چاڙهڻ جي لاءِ آندل ويچارا ڪارڪن کليل آسمان هيٺ سخت سرديءَ ۾ سڙي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان جو پهرين ڏينهن کان ئي ڪو جمهوري ۽ آئيني مطالبو نه هو جنهن کي حڪومت سنجيده انداز ۾ بحث هيٺ آڻي ان تي واضح حڪمت عملي طئي ڪري، مولانا فضل الرحمان سان حڪومتي ڳالهين واري ٽيم جيترا ڀيرا ملي آهي ان ۾ هر ڀيري نئين ڳالهه ڪئي وئي. صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته پاڪ رت سان ڪشمير جو جيڪو داستان لکيو ويو انهي کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ اسان سڀ هتي گڏ ٿيا آهيون.

مضمون کا ماخذ : loteria instantânea
متعلقہ مضامین
مزید خبریں