نريندر مودي جي قدمن سبب والاريل ڪشمير جي عوام کي خطرا درپيش آهن: اسد قيصر

image
APP35-25 ISLAMABAD: October 25 - Speaker National Assembly Asad Qaiser talking to media on solidarity with people of Kashmir at Parliament House. APP

اسلام آباد – 25 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي قدمن سبب والاريل ڪشمير جي عوام کي شديد خطرا درپيش آهن، پارليامينٽ ڪشميرين جو آواز بڻجندي. پارليامينٽ هائوس ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار جي تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر چيو ته ڪشمير جي صورتحال انتهائي خراب آهي ۽ ڪشميري ڀائر انتهائي مشڪل دور مان گذري رهيا آهن، 81 ڏينهن کان جاري مسلسل لاڪ ڊائون سبب دوائن ۽ خوراڪ جي شديد کوٽ پيدا ٿي چڪي آهي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں