وزيراعظم ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو

image
APP19-121022 ASTANA: October 12 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif being received by Deputy Prime Minister and Finance Minister of Kazakhstan Yerulan Zhamaubayev upon his arrival at Astana. APP/MAF/MOS

آستانه – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سيڪا جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي قازقستان پهچي ويو آهي. قزاخستان جي گادي واري شهر آستانه پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جو شاندار استقبال ڪيو ويو. قازقستان جي نائب وزيراعظم نور سلطان بايوف وزيراعظم جي آجيان ڪئي. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل وفد وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏ آهي. وزيراعظم ايشيا ۾ رابطن ۽ اعتمادسازي جي قدمن تي ڪانفرنس جي ڇهين سربراهي اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. وزيراعظم 13 آڪٽوبر 2022ع تي سيڪا جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندو. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم سيڪا جي اهميت تي روشني وجهندو. سيڪا ايشيائي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. ياد رهي ته سربراهي اجلاس اربع کان آستانه ۾ شروع ٿيندو.

مضمون کا ماخذ : سکاراب ملکہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں