وزيراعظم پاران اسلام آباد ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت ٺهندڙ فليٽس جو اوچتو معائنو

image

اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سيڪٽر جي 13 ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت تعمير هيٺ فليٽس جو اوچتو معائنو ڪيو،

وزيراعظم منصوبي تي ڪم جي رفتار جو جائزو ورتو ۽ منصوبي تي ڪم جي رفتار تيز ڪرڻ ۽ ان کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، اهو منصوبو عام شهرين کي سستي رهائشي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيو ويو آهي، ان موقعي تي سائيٽ مينيجر وزيراعظم کي منصوبي تي بريفنگ ڏني.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین
متعلقہ مضامین
مزید خبریں